ٽوٻائي ترهو

ٽوٻائي ترهو

ٽوٻائي ترهو

ٽوٻائي تُرهو (Bathyscaphe ):سمنڊ ۾ واجهه بنان گھڻي اونهائيءَ ۾ ٽُٻڻ جو اوزار، جنهن ۾ ويهڻ لاءِ اِسٽيل جي ٺهيل ڪئبن (Cabin) لڳل هوندي آهي. هيءُ اوزار زيرآبيءَ (Sub-Marine) شڪليو ترهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڀرتي لاءِ ڳرو بوج (Ballast) وڌل هوندو آهي ته اُهو پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃي سگھي. ان ۾ پاڻيءَ کان هلڪو پاڻيٺ (Liquid) به جدا هڪ ٽانڪيءَ ۾ ڀريل هجي ٿو، ته اُن جي اوٿڪ تي، آخر ۾ ڀرتي جي بوج کي ڪڍي پاڻيءَ ۾ اڇلائجي، ته سڄو ترهو خودبخود تري پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو